ٽيسٽ رينڪنگ: پاڪستاني رانديگر محمد عباس ۽ بابر اعظم پنهنجون پوزيشنون وڃائي ويٺا

news

دبئي: (سومر 18 نومبر 2019ع) ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ڀارتي رانديگرن جي مقابلي ۾ پاڪستاني رانديگر محمد عباس ۽ بابر اعظم پوئتي رهجي ويا.

محمد شمي جي 8 درجي جي جمپ پاڪستاني فاسٽ بالر کي 12هين نمبر تي پهچائي ڇڏيو. بابر اعظم کي ميانڪ اگروال جي مقابلي ۾ هڪ درجو پوئتي 15هين نمبر تي وڃڻو پئجي ويو. پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست ملڻ سبب بنگلاديشي رانديگرن کي به تنزلي جو منهن ڏسڻو پيو.

تفصيل موجب ڀارتي فاسٽ بالر محمد شمي بنگلاديش جي خلاف اندوز ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 3 جڏهن ته  ٻئين ميچ ۾ 31 رنسن جي عيوض 4 وڪيٽون ورتيون جنهن سبب کيس ٽيسٽ بالنگ رينڪنگ ۾ گڏ 8 درجا ترقي ملي. جنهن سان هو ستين نمبر تي پهچي ويو. ان کي جڳهه ڏيڻ لاءِ ڪجهه بالرن کي هڪ هڪ قدم پوئتي هٽڻو پيو. جنهن ۾ پاڪستاني پيسر محمد عباس به شامل آهي جيڪو هاڻ ٻارهين نمبر تي پهچي  ويو آهي.

ٽاپ 20 ۾  شامل ٻيون پاڪستاني بالر ياسر شاهه 17هين نمبر تي پهچي ويو آهي. ٽيم کان ٻاهر سرفراز احمد جو 38هون نمبر آهي. بنگلاديش جي بيٽسمين محمودالله جي تنزلي سبب حارث سهيل ترقي ماڻي 44هين نمبر تي پهچي ويو آهي. ٽاپ بيٽنگ پوزيشن آسٽريليا جي اڳوڻي ڪپتان اسٽيون اسمٿ وٽ آهي. جڏهن ته ڀارتي رانديگر ويرات ڪولهي ٻئين نمبر تي موجود آهي.

ٽيسٽ آل رائونڊر ۾ ٽاپ تي ويسٽ انڊيز جو ڪپتان جيسن هولڊر موجود آهي. ٻئين نمبر تي رويندرا جديجا ۽ ٽيون نمبر انگلينڊ جي بين اسٽوڪس سنڀالي ورتو آهي.