حڪومت جون دعوائون اڻپوريون: پوليو وائرس ملڪ جي چئني صوبن کي گهيري ورتو

news

اسلام آباد: (سومر 18 نومبر 2019ع) پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومتي ڪوششون ۽ مختلف دعوائن جي باوجود پوليو وائرس تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو.

هلندڙ سال جي ختم ٿيڻ تائين پوليو وائرس جي سينچري مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. هينئر تائين وائلڊ پوليو وائرس جا ٽوٽل 86  ڪيس سامهون اچي چڪا آهن. ان کان علاوه پوليو ٽائپ ٽو وائرس جو 1999ع ۾ ملڪ مان خاتمو ٿي چڪو هو. پوليو جي خاتمي واري پروگرام جي انگن اکرن موجب 2019 دوران پوليو ملڪ جي چئني صوبن کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي. صرف اسلام آباد، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان پوليو وائرس کان محفوظ آهن.

خيبرپختونخواهه جي 12 ضلعن، بنون، هنگو، ڊي آءِ خان، شانگله، طورغر، لکي مروت، چارسده، باجوڙ، خيبر، اتر وزيرستان، ڏکڻ وزيرستان ۽ ٽانڪ ۾ پوليو جا ٽوٽل 64 ڪيس سامهون آيا آهن جن مان صرف بنون ۾ پوليو جا 23 ڪيس رجسٽر ٿيا آهن.

بلوچستان صوبي جي 4 ضلعن جعفر آباد، قلعه عبدالله، ڪوئٽه ۽ هربانئي ۾ 7 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن. پنجاب صوبي جي 2 ضلعن لاهور ۽ جهلم ۾ 5 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا آهن.

جڏهن ته سنڌ صوبي جا 8 ضلعا لياري ٽائون، گلشن اقبال، اورنگي ٽائون لاڙڪاڻو، حيدرآباد، ڄامشورو، سجاول ۽ جمشيد ٽائون ۾ پوليو جا 10 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن. پوليو جي خاتمي واري پروگرام جي ذميوار ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 1999ع ۾ ان وائرس جو خاتمو ٿي چڪو هو.

پوليو جا 3 قسم آهن هاڻ ٽائپ ون ٽو جي ويڪسين ئي پياري پئي وڃي ڇو ته صحت واري عالمي اداري 2016 ۾ پوليو ٽائپ ٽو جي خاتمي جو اعلان ڪيو هو.