وفاقي وزير شيخ رشيد کي دل جي تڪليف سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو

news

راولپنڊي: (سومر 18 نومبر 2019ع) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد کي دل جي تڪليف سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

شيخ رشيد راولپنڊي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪيو. تقريب کان پوءِ اوچتو شيخ رشيد کي سيني ۾ تڪليف ٿي جنهن سبب کيس فوري طور تي پهريان هولي فيملي اسپتال ۽ پوءِ اتان کان آر آءِ سي منتقل ڪيو ويو.

ڊاڪٽرن شيخ رشيد کي شروعاتي امداد فراهم ڪئي آهي ۽ سندس ٽيسٽ به ڪيا آهن جنهن جي رپورٽن موجب ان جي دل جي هڪ نالي ۾ ڪلاٽ(رڪاوٽ) آهي جڏهن ته اي سي جي ۽ بلڊ پريشر نارمل آهي.

ايم ايس هولي فيملي اسپتال ڊاڪٽر ناصر پاران وفاقي وزير شيخ رشيد کي آرام ڪرڻ ۽ معمول جون مصروفيتون گهٽ ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته شيخ رشيد صحتمند  آهي ۽ سندس طبيعت به بهتر آهي.

شيخ رشيد جي ڀاڻيجي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شيخ راشد شفيق ٻڌايو ته شيخ رشيد جي طبيعت پهريان کان بهتر آهي کيس معمولي دل جي تڪليف ٿي آهي.