عائزه خان مداحن پاران سندس ڪردار کي ڀرپور موٽ ڏيڻ تي سندن ٿورائتي

news

ڪراچي: (سومر 18 نومبر 2019ع) پاڪستاني اداڪاره عائزه خان چيو آهي ته هو پنهنجي ڪردارن کي تمام گهڻي موٽ ملڻ تي مداحن جي ٿورائتي آهي.

اداڪاره عائزه خان پنهنجي ڊرامي(ميري پاس تم هو) جي ڪري خبرن ۽ سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل آهي. اداڪاره ان ڊرامي ۾ هڪ منفي ڪردار ادا ڪري رهي آهي جنهن سبب ڪجهه مداح ان سان ڪاوڙيل آهن جڏهن ته ڪجهه ان جي اداڪاري جي تعريف ڪندي نٿا ٿڪجن.

اداڪاره ٽوئٽر تي چيو آهي ته هڪ ئي وقت ٻن مختلف ڪردارن کي سٺي طريقي سان نڀائڻ آسان ناهي هوندو پر مان پنهنجي مداحن جي ٿورائتي آهيان جنهن مون کي اربع جي ڏينهن هلندڙ ڊرامي(تهوڙا سا حق)  ۾ ادا ڪندڙ  ڪردار جي تمام گهڻي تعريف ڪئي جڏهن ته ڇنڇر تي نشر ٿيندڙ ڊرامي ميري پاس تم هو ۾ منفي ڪردار ادا ڪرڻ تي سخت نفرت به  ڪندا آهن.

عائزه جو ڊرامو ميري پاس تم هو، اپني ڪهاني، انتهائي جاندار مڪالمن، منفي ڪردار جڏهن ته مرڪزي ڪردار نڀائيندڙ اداڪاره همايون سعيد ۽ عدنان صديقي سبب ڪافي مشهور ٿي رهيو آهي. ان کان اڳ به اداڪاره ٽوئٽ  ڪندي چيو هو ته هو  مداح ڊرامو ميري پاس تم هو جي ٻارهين قسط نه ڏسن ڇو ته ان قسط کي ڏسڻ کان پوءِ هو هميشه جي لاءِ مون کان نفرت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا.