دادو ويجهو ڳوٺ پير ترهو ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان پيرسن قتل

news

دادو: سومر 18 نومبر 2019ع، دادو ويجهو ڳوٺ پير ترهو ۾ چانڊيو برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻو تڪرار تيز ٿي ويو نتيجي ۾ هٿياربندن جو هڪ گهر تي حملو فائرنگ ۾ 60  سالا پيرسن قائم الدين چانڊيو مارجي ويو،

وارثن پاران پيرسن جو لاش سول اسپتال دادو کڻائي آيا جتي لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،

پوليس موجب چانڊيه برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آھي، مقتول جي وارثن ٻڌايو ته رات دير سان برادري جي ماڻهن گهر ۾ گهڙي قائم الدين کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آھن.