ڀٽ شاهه ۾ اصغريه علم و عمل تحريڪ ۽ اصغريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو ساليانو ڪنوينشن منعقد

news

ڀٽ شاهه: سومر 18 نومبر 2019ع، اصغريه علم و عمل تحريڪ پاڪستان ۽ اصغريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پاڪستان جو ساليانو ڪنونشن ڀٽ شاهه ۾ منعقد ٿيو،

جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڪنوينشن ۾ مذهبي اڳواڻن جا موضوعاتي ليڪچر، تعليمدانن جا ڪيرئير پلاننگ بابت ليڪچر، ۽ نوجوانن شاگردن طرفان سائينسي تحقيق بابت ٺاهيل اوزار نمائيش لاءِ لڳايا ويا، جڏهن ته ضلعن، ڊويزنن ۽ مرڪز جون سالياني ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪيون ويون.

جنهن تي تجزيات پڻ پيش ڪيا ويا، ڪنونشن جي آخري ڏينهن تي عظيم الشان جلسه عام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ مختلف شيعه سني اڳواڻن خطاب پڻ ڪيو،

خطاب ڪرڻ وارن حجته السلام  مولانا محمد باقر نجفي، اصغريه تحريڪ جو چئيرمين انجنئير سيد حسين موسوي، مجلس وحدت مسلمين جو مرڪزي اڳواڻ مختار احمد امامي، شيعه علماءِ ڪونسل جو صوبائي اڳواڻ ناظر عباس تقوي،مولانا سجاد حسين آهير، تعليمدان امتياز علي بخاري، پروفيسر فرمان علي رضوي سميت ٻين اڳواڻ شامل آهن،

جلسه عام ۾ اصغريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پاڪستان جي 49هين مرڪزي صدر۽ اصغريه تحريڪ جي 4هين مرڪزي صدر جو اعلان ڪيو ويو، جنهن مطابق اصغريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو مرڪزي صدر محسن علي اصغري، ۽ اصغريه تحريڪ جو مرڪزي صدر سيد شڪيل حسيني منتخب ٿيا آهن، مرڪزي صدرن کان عالم دين محمد باقر نجفي ورتو.