دادو جي سول اسپتال ۾ ڊينگي وائرس جو هڪ ٻيو ڪيس ظاهر، پنجاهه ڏينهن ۾ انگ ارڙهين ٿي ويو

news

دادو: سومر 18 نومبر 2019ع، سول اسپتال دادو ۾ ڊينگو وائرس جو هڪ ٻيو ڪيس ظاھر 50 ڏينهن اندر انگ 18 ٿي ويو, دادو شھر جي ايڪسائيز ڪالوني جو رهواسي نوجوان سيد منظور علي پٽ غلام علي شاهه کي ڊينگو وائرس جي تصديق ٿيڻ بعد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي.

نوجوان ٻڌايو ته ڪراچي شھر جي طارق روڊ واري علائقي ۾ سڪيورٽي گارڊ طور ڪم ڪندو هئس، بخار ٿيڻ سبب دادو جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي جتي علاج ھلندڙ آھي.