گهرو وزارت نواز شريف کي هڪ ڀيرو ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

news

اسلام آباد: گهرو وزارت اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف کي هڪ ڀيرو علاج جي غرض سان ٻاهرين ملڪ وڃڻ اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

گهرو وزارت جي طرفان جاري اجازت نامي ۾ چيو ويو آهي ته عبوري انتظام جي ذريعي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته نواز شريف کي علاج جي لاءِ چئن هفتن جي مدت جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.

گهرو وزارت چيو ته اهو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ جي 16 نومبر جي حڪم جي روشني ۾ ڪيو ويو آهي. جتي نواز شريف ۽ ان جي ڀاءُ شهباز شريف حلف ناما جمع ڪرايا هئا.

ٻئي طرف حڪومتي ڪليئرنس ملڻ کانپوءِ قطر ايئر ايمبولينس نواز شريف کي وٺي وڃڻ جي لاءِ اڱاري جي صبح 8 لڳي 45 منٽن تي لاهور ايئرپورٽ پهچندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت سول ايوي ايشن انتظاميا کي ايئر ايمبولينس جي اطلاع ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف گاڏي جي ذريعي ايئرپورٽ ويندو، جتي ايئر ايمبولينس هن کي ساڍي ڏهين وڳي وٺي واپس رواني ٿيندي. لاهور ايئرپورٽ ايئر ايمبولينس جي اچڻ جي پيش نظر سيڪيورٽي سميت ٻيا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن.