ميرپورخاص ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار، ڪتن جي ڏاڙهڻ جا مهيني ڇائيتاليهه واقعا ٿي چڪا

news

ميرپورخاص: سومر 18 نومبر 2019ع، ميرپورخاص ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آھي , شھر جي مختلف رهائشي علائقن سميت ڪاروباري علائقن ۾ رولو ڪتا ٽولين جي صورت ۾ گهمندا نظر اچن , خاص طور تي هوٽلن جي ويجهو , گوشت جي دڪانن جي ويجهو ۽ پولٽري فارمن جي ويجهو تمام گهڻا هوندا آھن ,

رولو ڪتن جي آزار سبب وڏن سميت ٻار خوف ۾ ورتل هجن ٿا , رولو ڪتن جي ڪري ننڍا ٻار اسڪول وڃڻ ۽ دڪانن تي  ڪنهن سامان وٺڻ لا۽ وڃڻ وقت سخت خوف ۾ ورتل هوندا آھن ۽ رولو ڪتن جو شڪار سڀ کان وڌيڪ ٻار ٿيندا آھن ,

جڏھن ت پالتو جنهن ۾ ڪتا ۽ ٻليون اچي وڃن ٿا انهن کي ڇتو ٿيڻ کان بچائڻ لا۽ وئڪسين ٿيندي آھي اها گذريل سالن کان سنڌ حڪومت فراهم ن ڪئي آھي , جنهن ڪري پالتو جانورن کي ب ڇتو ٿيڻ کان بچائڻ لا۽ وئڪسين ن ٿي رهي آھي , وٽنيري ڊاڪٽر حاڪم جلباڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ت اسان کي پالتو جانورن کي ڇتو ٿيڻ کان بچائڻ لا۽ وئڪسين گذريل ڏھ سالن کان ن ملي رهي آھي

, جنهن ڪري شھري بازار مان خريد ڪري ايندا آھن ۽ اسان لڳائيندا آھيون , شھرين کي گهرجي ت اهي پالتو جانورن کي ڇتو ٿيڻ کان بچائڻ لا۽ وئڪسين ڪرائين،انچارج سول سرجن ڊاڪٽر هرچند رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ت رولو ڪتن جي ڏاڙھڻ کانپو۽ لڳندڙ وئڪسين اسان وٽ موجود آھي

, جڏھن ت ڇتي ڪتي جي ڏاڙھڻ سبب لڳندڙ وئڪسين اسان وٽ موجود ناهي پر اها هتي پرائيويٽ طور ب نٿي ملي , حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ملندي آھي , اتان کان متاثر شھري وٺي ايندا آهن اسين لڳائيندا آھيون، ٻئي طرف ميونسپل چيئرمين ڪامران شيخ ڪتا مار مهم جي حوالي سان ٻڌايو ت اسان ٻ لک روپين جي دوا گهرائي هئي ۽ ان مان هڪ هزار 58 ڪتا ماريا هئا , دوا ختم ٿي وئي.

ٻيهر اسان دوا ڪوئيٽا کان گهرائي آھي جيئن ايندي ت اسان ٻيهر ڪتا مار مهم شروع ڪنداسين , هن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ت ڪتن کي مارڻ ۽ مڇرن کي مارڻ لا۽ دوا فراهم ڪئي وڃي.