آرمي چيف سان ترڪ هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جي ملاقات

news

راولپنڊي: پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪ هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جي ملاقات ٿي آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات دوران گڏيل دفاعي تعاون کي فروغ ڏيڻ متعلق ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ميجر جنرل آصف غفور موجب ملاقات جي دوران ترڪ هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل ياسر گولر خطي ۾ امن ۽ امان جي لاءِ پاڪ فوج جي ڪوششن کي ساراهيو.