ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي سرحد پهتو، شهر ۾ صفائي سٿرائي نه هجڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار

news

ميرپور ماٿيلو: سومر 18 نومبر 2019ع، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي سرحد پهتو، شهر ۾ صفائي سٿرائي نه هجڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار، عام واهپي جون شيون وڪرو ڪندڙ ريٽ لسٽ نه لڳائيندا ته کين جيل موڪليو ويندو.

تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم سرحد شهر پهچي ماڻهن کان مسئلا معلوم ڪيا. ان موقعي تي هن شهر ۾ صفائي سٿرائي نه هجڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران شهرن جي صفائي سٿرائي لاءِ ميونسپل کاتي کي فنڊز ڏنا پيا وڃن.

ان باوجود شهرين کي سهولتون فراهم نه پيون ڪيون وڃن، هن چيو ته سرحد شهر جي يونين ڪائونسل کي ملندڙ فنڊز بابت اينٽي ڪرپشن کي جانچ لاءِ لکيو ويندو ته جيئن صورتحال سامهون اچي سگهي جڏهن ته شهر ۾ رهيل ڪم به جلد از جلد مڪمل ڪرايا ويندا.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر مختلف دوڪانن تي وڃي عام واهپي جي شين جا اگهه معلوم ڪيا ۽ دوڪاندارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته سرڪاري اگهن تي عمل ڪيو وڃي.

ان سلسلي ۾ عوام جي معلومات لاءِ ريٽ لسٽون پڻ لڳايون وڃي ٻي صورت ۾ کين جيل موڪليو ويندو.