سڪرنڊ واسين جي انڊس هاءِ وي تي ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب ماءُ ۽ پٽ فوت، پيءُ ۽ پٽ زخمي

news

سڪرنڊ: سومر 18 نومبر 2019ع، سڪرنڊ جي ڳوٺ ڀائي خان انڙ جي انڙ برادريءَ جو خاندان ڀان سعيد آباد کان سڪرنڊ اچي رهيو هو ته سيوهڻ انڊس هاءِ وي تي اڇي مسجد وٽ ڪار جيڪا دين محمد انڙ پاڻ هلائي رهيو هو جي ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ ڪري ڪلٽي ٿي پئي.

جنهن جي نتيجي ۾ سندس گهرواري 40 ساله مسمات عذرا ۽ سندس 9 سالن جو پٽ نعمان انڙ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا.

جڏهن ته ننڍڙو 5 ورهين جو علي انڙ ۽ سندس والد دين محمد انڙ پڻ زخمي ٿي پيا آهن.

هوڏانهن جڏهن ماءَ ۽ پٽ جا لاش سڪرنڊ جي ڳوٺ آندا ويا ته لاش پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو هر اک آلي هئي