مبارڪپور ويجهو ٻن موثر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر، ٻه ڄڻا زخمي

news

مبارڪپور : سومر 18 نومبر 2019ع، مبارڪپور ويجهو ٻن موثر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر، 2 ڄڻا سخت زخمي، هڪ ڄڻي جي ڳڻتي جوڳي جيڪب آباد منتقل ،

مبارڪپور ٿاڻي جي حد ٺل - جيڪب آباد مين روڊ جاڙا واه وٽ تيز رفتار ٻن موٽر سائيڪلن جو آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو ،

جنهن جي نتيجي ۾ ميرپور ٻرڙو واسي الله بخش منگي ۽ جاڙا واه واسي نيڪ محمد جعفري سخت زخمي ٿي پيا، جن کي مبارڪپور جي مقامي اسپتال آندو ويو،

جتي هڪ ڄڻي الله بخش منگي جي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب ان کي جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو.