آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ايران جي دوري تي تهران پهچي ويو

news

راولپنڊي: پاڪ فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ايران جي دوري تي تهران پهچي ويو.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ايران جي هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف ميجر جنرل محمد حسين سان ملاقات ڪئي ۽ علائقائي سلامتي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران علائقائي امن ۽ استحڪام جي ڪوششن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته پاڪ ايران بارڊر سيڪيورٽي ميڪنزم تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.