ڳڙهي حسن ڀرسان مبينا اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿيو، وارثن پاران پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

news

ڳڙهي حسن: سومر 18 نومبر 2019ع، ڳڙهي حسن ڀرسان باهو کوسو  ٿاڻي جي حد ڳوٺ جان محمد کوسو مان هفتو اڳ مبينا اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿيو گهر ۾ ڪهرام متل وارثن پاران مقامي پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي  احتجاجي مظاهرو.

جڏھن ته باهو کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جان محمد کوسو مان هڪ هفتو اڳ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان محمد عالم مير بحر کي هٿيارن جي زور تي مبينا اغوا ڪري ويا باهو کوسو  پوليس ساري ماجري کان بيخبر بڻيل مبينا اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن پاڪ ڪتاب کڻي باهو کوسو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

جتي صحافين سان ڳالهائيندي نوجوان جي پيءۡ فاروق ميربحر چيو ته اسان جو برادري سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ اهي جن زبردستي گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي منهنجي نوجوان پٽ کي اغوا ڪري ويا آھن مقامي پوليس ڏھارين سان مليل هجڻ ڪري اسان جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري.

هن چيو ته اسان لکت ۾ ايس ايس پي پوليس جيڪب آباد کي 15 نومبر 2019 تي درخواست ڏني جنهن تي ڪو به عمل نه ٿيو باهو کوسو ٿاڻي جو ايس ايڇ او ٿاڻي تي رھن بجاءۡ ٺل شھر رهي ٿو جنهن جي ملڻ لاء رهائش گاه بينظير ڪانٽي تي ويا سون جتي ايس ايڇ او ڪو نه مليو.

  جنهن ڪري پوليس جي روئي کان مايوس ٿي احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو آھي ٽن ڏينهن اندر  ڪيس داخل نه ٿيو ته پاڪ ڪتاب کڻي ڊي آءۡ جي آفيس لاڙڪاڻو ڳيا احتجاج ڪندا سي.