نوازشريف کي پرڏيهه موڪلڻ جو طريقو غلط آهي، سندس صحت لاءِ دعاگو آهيون: فواد چوڌري

news

اسلام آباد: (اڱارو 19 نومبر 2019ع) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري هڪ دفعو ٻيهر اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي پرڏيهه روانگي تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي تنقيد ڪئي آهي.

ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته(مون کي ڇو ڪڍيو) کان(خدا جي لاءِ مون کي ڪڍو) جو سفر هاڻ ختم ٿي رهيو آهي. اهڙي ليڊر شپ جڏهن ووٽ جي لاءِ عزت گهري ٿي ته اهو جمهوري نظام سان مذاق آهي. هن چيو ته (ن) ليگ جي ڪارڪنن سان همدردي آهي جيڪي نوازشريف کي اڳواڻ مڃي ڏينهن رات سندن حڪم مڃين ٿا. (ن) ليگ جي اڳواڻن پنهنجي ڪارڪنن کي ڌوڪو ڏنو.

ٻئي طرف اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته نوازشريف جو اهڙي طرح وڃڻ سان معاشري جي ناڪامي تي گهرا اثر پيا آهن. ان فيصلي تي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ جي حوالي سان اڄ ڪابينه جي اجلاس ۾ غور ڪيو ويندو. ڇنڇر جي ڏينهن ان جو فيصلو ڪيو ويو جيڪو سومر تي به ٿي سگهيو ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته اسان نوازشريف جي صحت جي لاءِ دعاگو آهيون پر جهڙي طرح هو ويو اهو طريقيڪار غلط آهي. مان سمجهان ٿو ته نوازشريف جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ گهرجي. هن چيو ته اهي سمورا قيدي جيڪي جيلن ۾ آهن ڇا انهن جو حق ناهي ته هو به هڪ حلف نامو ڏين ۽ هليا وڃن. فواد چوڌري چيو ته مهانگائي جو سبب بجلي جون قيمتون وڌڻ آهن. اڄ ڪابينه جي اجلاس ۾ متبادل توانائي جي پاليسي منظوري جي لاءِ پيش ڪئي ويندي. نوجوان پاڪستان جو اثاثو آهن هو نوڪرين کان وڌيڪ ڪاروبار طرف ڌيان ڏين.