چاڪليٽ جي ديوانن لاءِ ڪيليفورنيا ۾ هوٽيلا نيوٽيلا هوٽل جو افتتاح جلد ڪيو ويندو

news

ڪيليفورنيا: (اڱارو 19 نومبر 2019ع) دنيا ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي چاڪليٽ کائڻ تمام گهڻو پسند هوندو آهي جڏهن ته چاڪليٽ اسپريڊ نيوٽيلا جيڪو ڪنهن به شيءَ سان گڏ لڳائي کائي سگهجي ٿو ۽ چاڪليٽ جي شوقين ماڻهن جي پسنديده شيءَ هوندي آهي.

اڄ اسان اوهان کي هڪ اهڙي هوٽل جي باري ۾ ٻڌائينداسين جيڪو خاص طور تي نيوٽيلا پسند ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.

آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ چاڪليٽ جي ديوانن جي لاءِ جلد ئي هڪ اهڙي هوٽل جو افتتاح ڪيو ويندو  جتي جي هر شيءَ نيوٽيلا جيان ٺاهي وئي آهي. ان هوٽل جو نالو هوٽيلا نيوٽيلا رکيو ويو آهي جنهن کي ڪيليفورنيا جي ناپا ويلي ۾ ٺاهيو ويو آهي. هي خاص طور تي ان ماڻهن جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي جيڪي نيوٽيلا اسپريڊ کي تمام گهڻو پسند ڪندا آهن.

ان هوٽل ۾ هر شيءَ نيوٽيلا تي ٻڌل هوندي جنهن ۾ فرنيچر، گهڙي ۽ هوٽل جون سموريون شيون نيوٽيلا جي جار جهڙيون ڏسڻ ۾ اينديون. ان هوٽل ۾ صارفين کي اهڙو کاڌو پيش ڪيو ويندو جيڪو نيوٽيلا جو استعمال ڪري ٺاهيو ويو هوندو  ۽ ان سبب جي ڪري ان هوٽل کي نيوٽيلا جي خوابن جي دنيا به چيو پيو وڃي.

هي هوٽل 2020 ۾ صارفين جي لاءِ کوليو ويندو جيڪو نيوٽيلا براڊ جي طرفان ڪيل هڪ تجربو آهي.