لنڊن جي گائز اسپتال ۾ نواز شريف جو چار ڪلاڪ ڊگهو طبي معائنو

news

لنڊن: اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف لنڊن جي گائز اسپتال پهتو، جتي ان جو تفصيلي طبي معائنو ڪيو ويو.

گائز اسپتال لنڊن برج جي ويجهو واقع آهي. حسن نواز، حسين نواز ۽ ڊاڪٽر عدنان به نواز شريف سان گڏ هئا. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو اسپتال ۾ 4 ڪلاڪن تائين طبي معائنو ٿيو، ان دوران دل جو معائنو ڪيو ويو، رت جا ٽيسٽ به ڪيا ويا.

مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف جو چوڻ هو ته نواز شريف جا ڪجهه ٽيسٽ ڪيا ويا آهن ۽ ٻيا به ٽيسٽ ڪيا ويندا، جن سان مرض جي تشخيص ڪري سگهجي ٿي. ڊاڪٽر پليٽيليٽس ۾ اوچتو گهٽتائي جي سببن جو پتو لڳائيندا.