شهدادپور ۾ پ پ جو جهونو ڪارڪن غلام نبي مينگل لاڏاڻو ڪري ويو

news

شھدادپور: اربع 20 نومبر 2019ع، پ پ جو جهونو ڪارڪن پورھيت اڳواڻ غلام نبي مينگل 66 سالن جي ڄمار ۾ مختصر علالت بعد وفات ڪري ويو.

مرحوم پنهنجي پويان ھڪ پٽ ۽ بيواه ڇڏي آھي مرحوم جي جنازي نماز ڳوٺ پير بخش بروھي ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ پ پ ورڪرن ۽ راڄ جي ماڻھن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

مرحوم کي اباڻي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.مرحوم ھارين جي حقن ۽ مارشلا دور ۾ جيل ڪاٽيا ۽ معافي ڪان ورتي.