بل گيٽس سميت عالمي ادارن جي پاڪستان کي پوليو فري بڻائڻ لاءِ اربين ڊالر ڏيڻ جي يقين ڌياني

news

ابوظهبي: وزيراعظم جي معاون خصوصي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ملڪ مڪمل طور تي پوليو فري بڻائڻ جي لاءِ بل گيٽس فائونڊيشن سميت ٻيا عالمي ادارا 2.6 ارب ڊالر جي امداد ڏيندا.

ريڊيو پاڪستان موجب ابوظهبي ۾ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جي قومي صحت بابت معاون خصوصي ڊاڪٽر ظفر مرزا ٻڌايو ته پاڪستان جي حڪومت ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ هڪ مربوط ۽ جامع پروگرام جو منصوبو بڻايو آهي، جنهن تي عملدرآمد جاري آهي.

ڊاڪٽر ظفر مرزا پوليو جي خاتمي جي لاءِ بل گيٽس فائونڊيشن جي خدمتن جي تعريف ڪندي چيو ته عالمي اداري پاڪستان کي پوليو جي خاتمي جي لاءِ 2.6 بلين ڊالر امداد ڏيندا، جن مان 1.08 بلين ڊالر بل گيٽس فائونڊيشن جي طرفان ڏنا ويندا.

وزيراعظم عمران خان جي معاون خصوصي وڌيڪ چيو ته حڪومت پاڪستان ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ 150 ملين ڊالر جي رقم مختص ڪندي.