برسبين ٽيسٽ: آسٽريليا جي خلاف پاڪساني بيٽنگ لائين پريشاني جو شڪار

news

سڊني: (خميس 21 نومبر 2019ع) آسٽريليا جي خلاف پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن جي راند جاري آهي ۽ پاڪستاني بيٽنگ لائن پريشاني جو شڪار آهي.

برسبين جي گابا اسٽيڊيم ۾ کيڏندڙ ميچ ۾ پاڪستان 5 وڪيٽن جي نقصان 125 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. پاڪستان جي ڪپتان اظهر علي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

پاڪستان طرفان نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه ٽيسٽ ڊيبيو ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي ٽيم طرفان شان مسعود ۽ اظهر علي اننگ جي شروعات ڪئي ۽ ٽيم کي 75 رنسن جي شروعات فراهم ڪئي. پاڪستان کي پهريون نقصان شان مسعود جي صورت ۾ ٿيو جيڪو 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

قومي ٽيم جي اسڪور ۾ بنا ڪنهن رنس جي اضافي کان سواءِ اظهر علي به 38 رنسون ٺاهي پنهنجي وڪيٽ وڃائي ويٺو. جڏهن ته حارث سهيل آسٽريليا ۾ هڪ دفعو ٻيهر ناڪام رهيو ۽ هو صرف هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

قومي ٽيم جي رنسن ٺاهڻ واري مشين بابر اعظم به هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته افتخار احمد صرف 7 رنسون ٺاهي سگهيو. 75 رنسن تي پهرين وڪيٽ ڪرڻ کان پوءِ صرف 19 رنسن جي اضافي سان قومي ٽيم جا 5 رانديگر آئوٽ ٿي ويا.