ڀارت امن لاءِ خطرو آهي: ڪشمير مسئلو حل ڪيو وڃي: انقره ۾ ٻن ڏينهن واري ڪشمير ڪانفرنس

news

انقره: (خميس 21 نومبر 2019ع) ترڪي جي گادي واري شهر انقره ۾ 2 ڏينهن واري ڪشمير ڪانفرنس جي شروعات ٿي وئي آهي.

انقره ۾ جاري 25 ملڪن جي نمائندگي تي ٻڌل ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ 80 لک کان وڌيڪ ڪشميرين ڀارتي  ظلمن کي انسانيت ۽ عالمي امن جي لاءِ سنگين خطرو قرار ڏيندي چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قرارداد موجب فوري طور تي حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

انقره ۾ ترڪ ٿينڪ ٽينڪ جي تعاون سان لاهور سينٽر فارپيس ريسرچ جي ڪشمير عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس جي مهمان خاص صدر ذاد ڪشمير سردار مسعود چيو ته لکين ڪشميري عالمي امن جي خطري بابت وارننگ ڏئي رهيا آهن.

خاص حيثيت بدلائڻ کان پوءِ ڪشمير دنيا جي ريڊار تي پنهنجي متاثر ٿيل حيثيت سان گڏ اچي رهيو آهي.