ڀڳل هڏين جي لاءِ پلاسٽر جي بجاءِ واٽر پروف ڄاري تيار

news

واشنگٽن: (خميس 21 نومبر 2019ع)  الله اوهان کي خيريت سان رکي پر جن ماڻهن جون  هڏيون ڀڳل آهن يا پلاسٽر چڙهڻ جو تجربو ٿيو آهي ته  اهو انتهائي مشڪل ۽ تڪليف ڏيندڙ لمحو آهي.

هاڻ ايڪيهين صدي ۾ هوادار ۽ هلڪو ڦلڪو پلاسٽر تيار ڪيو ويو آهي جيڪو آمريڪا ۾ استعمال جي لاءِ بلڪل تيار آهي. ان نئين ڊيزائين ۾ ٻانهن جي ڊيگهه جي برابر هڪ پلاسٽر نما سانچو تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ٻن جڳهين  کان کنئور يا روغن وڌو ويندو آهي جيڪو هر مريض جي هٿ جي لحاظ سان هڪ واضح پوزيشن تي اچي ويندو آهي.

ان کان اڳ روايتي پلاسٽرن ۾ گرمي، پگهر، خارش ۽ وزني پلاسٽر کي کڻي ڦرڻ هڪ نهايت مشڪل عمل هو پر هاڻ اسمارٽ پلاسٽر ان سمورن مسئلن کي حل ڪري ڇڏيندو. ان کي آمريڪي اسٽارٽ ڪمپني ڪاسٽ 21 نون ڊيزائنن ۾ تيار ڪيو آهي جيڪو هوادار، هلڪو ڦلڪو ۽ پاڻي سان خراب ناهي ٿيندو. ان کي پائي اوهان وهنجي به سگهو ٿا، ورزش ڪري سگهو ٿا ۽ ترڻ جو شوق به پورو ڪري سگهو ٿا.

ڪمپني جي نائب صدر ويرونڪا هوگ موجب هڏين  جا گهڻو ڪري فريڪچر ٻارن ۽ وڏي عمرن وارن پوڙهن کي پيش ايندا آهن ۽ جڏهن هو پلاسٽر ٻڌرائيندا آهن ته انهن جي جلد تي هوا نه پهچڻ سبب خطرناڪ انفيڪشن به پيدا ٿي ويندو آهي. پوءِ بينڊيج لاهڻ جي لاءِ ڊاڪٽر ان کي خاص برقي اوزار سان ڪٽيندا آهن جيڪو هڪ بيزار ڪندڙ عمل  هوندو آهي ٻار ان مان ڏاڍو ڊڄندا آهن.

سڀني کان وڏي ڳالهه اها آهي ته نئين پلاسٽر کي گهٽ وقت ۾ لڳائي سگهجي ٿو ۽ لاهڻ جي لاءِ ان کي ڪنهن تيز ڌار اوزار جي ضرورت به نه ٿي پوي.