مسافر عورت جو سامان چوري ڪرڻ جي الزام ۾ پي آءِ اي جا ٻه ملازم گرفتار

news

ڪراچي: (خميس 21 نومبر 2019ع)  ايئرپورٽ پوليس پاران پي آءِ اي جي2 ملازمن کي چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب پي آءِ اي جو ملازم شعيب ۽ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل ملازم سميع الله ملتان ويندڙ مسافر عورت جي سامان مان سون چوري ڪيو هو جڏهن ته جوابدارن جي قبضي مان 4 لک روپيه به هٿ آيا آهن. پوليس جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ۽ پڇاڳاڇا لاءِ پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ڪجهه هفتا اڳ به مسافرن جي سامان مان چوري ڪرڻ جي الزام ۾ پي آءِ اي جي 5 ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مسافرن جي سامان مان چوري جي وارداتن ۾ پي آءِ اي جي ملازمن جي ملوث هجڻ تي مسافرن ۾ غيريقيني واري صورتحال ڦهليل آهي ۽ هنن اعليٰ اختيارين مطالبو ڪيو آهي ته پي آءِ اي جي جهاز ۾ سفر جي دوران ان جي سامان جي حفاظت کي يقيني بنايو وڃي.