پهريون ٽيسٽ: پاڪستاني ٽيم ٻه سئو چاليهه رنسون ٺاهي آئوٽ

news

سڊني: (خميس 21 نومبر 2019ع) آسٽريليا جي خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي پوري ٽيم 240 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. آسٽريليا جي شهر برسبين ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٿيندڙ سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

اننگز جي شروعات ۾ ئي پاڪستاني بيٽنگ لائين بهتر نه ٿي سگهي ۽ صرف 78 رنسن جي گڏيل اسڪور تي 4 رانديگر آئوٽ ٿي ويا.

شان مسعود 27، ڪپتان اظهر علي 39، افتخار احمد 7 ۽ حارث سهيل صرف 1 رنس ٺاهي. بابر اعظم شوقينن جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ بري طرح سان ناڪام ويو ۽ صرف هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. محمد رضوان ميدان ۾ اچي بيٽنگ لائين کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ذميوارانه راند جو مظاهرو ڪندي 37 رنسون ٺاهيون. 143 رنسن تي پاڪستان جا 6 رانديگر آئوٽ ٿي چڪا هئا.

ان موقعي تي اسد شفيق جو ساٿ نڀائيندڙ محمد ياسر آيو ۽ ٻنهي  رنسن ۾ 84 رنسن جو اضافو ڪيو. 227 رنسن تي ياسر شاهه آئوٽ ٿي ويو. هن 26 رنسون ٺاهيون. جنهن کان پوءِ شاهين شاهه آفريدي بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو. اسد شفيق به  76 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

پاڪستان جو آخري آئوٽ ٿيندڙ رانديگر نسيم شاهه هو جنهن 7 رنسون ٺاهيون. عمران خان 5 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان 240 رنسن جي اننگ ۾ سڀني کان وڌيڪ حصو اسد شفيق جو هو جنهن 76 رنسون ٺاهيون. آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ 4، پيٽ ڪمنز 3، بيزل ووڊ 2 جڏهن ته نيٿن ليول هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.