ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي تعينات

news

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

وزيراعظم هائوس مان جاري پڌرائي موجب ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا جي تقرري جو نفاذ 27 نومبر 2019ع کان ٿيندو.

وزيراعظم هائوس جي پڌرائي موجب جنرل قمر جاويد باجوه جي ٻي مدت جي لاءِ بطور آرمي چيف تقرري جو نوٽيفڪيشن 19 آگسٽ تي جاري ٿي چڪو آهي.

ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا هن وقت چيف آف جنرل اسٽاف جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هو چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات جي جڳهه وٺندو. ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا ڪور ڪمانڊر راولپنڊي به رهي چڪو آهي، ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا پاڪستان ملٽري اڪيڊمي (پي ايم اي) ڪاڪول جي ڪمانڊنٽ به رهي چڪو آهي. ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا کي هلال امتياز ملٽري به ملي چڪو آهي.

خيال رهي ته جنرل زبير محمود حيات 28 نومبر 2016 تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جو عهدو سنڀاليو هو. ان کان پهرين اهو عهدو جنرل راشد محمود وٽ هو.