ٽنڊوڄام ويجهو ريلوي پٽڙي ٿڌ سبب ٽُٽي پئي، ڳوٺاڻن اطلاع ڏئي سانحي کان بچائي ورتو

news

ٽنڊوڄام: خميس 21 نومبر 2019ع، ڪراچي لاهور ريلوي ٽريڪ جو هڪ فوٽ حصو ٽٽي پيو. ڳوٺاڻن بروقت اطلاع ڏيئي وڏي سانحي ٿيڻ کان بچائي ورتو.

خبر موجب ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ مريد سپيو وٽ ڪراچي لاهور ريلوي ٽريڪ جو هڪ فوٽ تائين حصو ٽٽي پيو. ڳوٺاڻن ريل جي پٽڙي ٽٽل ڏسي ان جو اطلاع فوري طور تي ريلوي انتظاميه کي ڏنو، جنهن بعد ريلوي انتظاميه پهچي پٽڙي جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو.

جنهن سبب ٽرينن اچ وڃ  ڪجهه دير تائين معطل رهي. بعد ۾ ٽريڪ جي مرمت جو ڪم مڪمل ڪرڻ بعد ٽرينن جي آمدرفت بحال ڪئي ويئي.

ريلوي انتظاميه موجب سياري جي موسم ۾ پٽڙي سڪڙجي ٽٽي ويئي هئي. جنهن جي مرمت ڪري ٻيهر بحال ڪئي ويئي آهي. جڏهن ته ڳوٺاڻن جي بروقت اطلاع وڏي حادثي کان بچائي ورتو.