بي نامي اڪائونٽ تي خان صاحب قوم کي ڪهڙو جواب ڏيندو؟ احسن اقبال

news

اسلام آباد: ليگي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته اربين رپين جي خردبرد ناقابل معافي ڏوهه آهي، حڪومت سوچيل سمجهيل سازش جي ذريعي اليڪشن ڪميشن کي ڪم کان روڪي رهي آهي. جيڪڏهن سڀ ٺيڪ آهي ته پوءِ رازداري ڪهڙي ڳالهه جي آهي؟

مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي سامهون پنهنجا 23 اڪائونٽ ڊڪليئر ناهن ڪيا. قوم عمران خان کان ان جو حساب گهري رهي آهي، بي نامي اڪائونٽ تي خان صاحب قوم کي ڪهڙو جواب ڏيندو؟

قوم کي ٻڌايو وڃي ته ڀارت، آمريڪا ۽ وچ اوڀر مان ڪنهن ڪنهن فنڊنگ ڪئي؟ قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي ته 23 اڪائونٽ ڇو لڪايا ويا؟ نئين پاڪستان جي نالي تي اوورسيز پاڪستانين کان ڊونيشن ورتي وئي، ان کي ڪيئن استعمال ڪيو ويو؟

احسن اقبال چيو ته اربين رپين جي خردبرد ناقابل معافي ڏوهه آهي، عمران خان کي ان جو حسان ڏيڻو پوندو. تحريڪ انصاف جي پرائيويٽ اڪائونٽ ۾ ملين ڊالر آيا آهن پر عدالت ۾ وڃي چون ٿا ته ان اڪائونٽ جي ڪنهن قسم جي ميڊيا ڪوريج نه ٿيڻ گهرجي. سڀئي اڪائونٽ ٺيڪ آهن ته ٻڌڻي ڳجهي رکڻ جي لاءِ درخواست ڇو ڏين ٿا؟

هن الزام لڳايو ته تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن کي نامڪمل ڪري مواخذي کان بچڻ چاهي ٿي. پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن تي مختلف قانوني هٿڪنڊن جي ذريعي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سازش جي ذريعي ان کي آزداڻا ڪم ڪرڻ کان روڪي ٿي. گذريل پنج سالن کان فارن فنڊنگ جو ڪيس هلي رهيو آهي پر ان کي مختلف حيلن ۽ بهانن ذريعي التويٰ ۾ رکيو ويو آهي.