ٽنڊو ڄام ويجهو ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر، ٽن عورتن سميت ٻارنهن ڄڻا زخمي

news

ٽنڊوڄام: خميس 21 نومبر 2019ع، حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر، ٽن عورتن سميت 12 ڄڻا زخمي.

چئن جي حالت ڳڻتي جوڳي، اسپتال منتقل. خبر موجب حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي زرعي يونيورسٽي ڪالوني وٽ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿي پيو.

جنهن جي نتيجي ۾ ٽنڊوڄام لڳ پيرزمان شاهه جا رهواسي ستارو، رامچند، ختو، شنڪر، شريمتي سپنا، ريشمان ڪوٽڙي واسي فرحان خانزادو، مسمات حليمه ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا.

زخمين کي فوري طور تي رورل هليٿ سينٽر آندو ويو. جتي چئن ڄڻن ستارو، مسمات ريشمان، شريمتي سپنا، ختو جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.