مبارڪپور ۽ آسپاس جي علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار، ٻن ٻارن سميت چار ڄڻا ڏاڙهجي زخمي

news

مبارڪپور: خميس 21 نومبر 2019ع، مبارڪپور شهر سميت آسپاس جي علائقن ۾  رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، هڪ هفتي دوران ٻن معصوم نينگرن سميت 4 ماڻهون ڏاڙهجي زخمي ٿي پيا،

رولو ڪتن جي آزار سبب رهواسين ۾ حراس پکڙجي ويو، رولو ڪتا هر وقت روڊ رستن، ۽ گهٽين ۾ ٽولن جي صورت ۾ موجود،ڪتن جي وڌندڙ آزار سبب ٻارڙن اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو، اسپتال ۾ وئڪسين جي کوٽ، ڪتي ڏاڙهيل نينگر  جيڪب آباد منتقل، انتظاميا تماشائي بڻيل،رهواسين جو ڪتا مار مهم هلائڻ جي گهر ،

مبارڪپور شهر سميت مختلف علائقن سچل سرڪي، روزي شر، حاجي سردار خان مهر، ميرل، جمن شاه عارف آباد ۽ ٻين علائقن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، ڪتا هروقت روڊ رستن گهٽن ۾ ٽولن جي صورت ۾ موجود آهن، جنهن ڪري رهواسين ۾ ڪتن جي آزار کان حراس پکڙجي ويو آهي،

اهڙو حراس پکڙجڻ سبب ٻارڙا ڊپ جي ڪري گهرن تائين موجود ۽ اسڪول وڃڻ بہ ڇڏي ڏنو آهي، ڪتن جي ڏاڙھڻ بہ روز جو معمول بڻجي ويو آهي، گذريل هڪ هفتي دوران 2 نينگرن عبدالغفار مستوئي، وقار ڪورار سميت 4 ڄڻن عبدالصمد سرڪي، مٺل بنگلاڻي، نور الدين ڪٽو مهراب کوسو کي رولو ۽ ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو آهي،

جن کي مبارڪپور جي مقامي اسپتال پهچايو ويو، جتي ڪتي جو وئڪسين نہ هجڻ ڪري جيڪب آباد زخمين کي جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو هو، جڏهن تہ اهڙي رولو ڪتن جي آزار جي ڪري مختلف ڳوٺن جي رهواسين منٺار مستوئي، عبالمالڪ سرڪي، لياقت سرڪي، ممتاز ڪورار ۽ ٻين  صحافين اڳيان  دنهيندي چيو تہ اسان جي علائقن ۾ ڪتن جو آزار وڏو وڌي ويو آهي،

جن ڪري اسان سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون، اسان جا ٻارڙا گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن هنن اسڪول وڃڻ بہ ڇڏي ڏنو آهي اهڙي صورت حال تي   مقامي توڙي ضلعي انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي،

هنن اختيارن کان گهر ڪندي وڌيڪ چيو تہ ڪتا مار مهم هلائي اسان جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.