ايف بي آر ۾ سينيئر آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون

news

اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو گريڊ 21 ۽ 20 جي يارنهن آفيسرن جون فوري طور تي بدليون ڪيون ويون آهن.

فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ وڏي پئماني تي سينيئر آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. ايف بي آر جي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گريڊ 21 جي آفيسر ۽ ميمبر لينڊ پاليسي ڊاڪٽر حامد عتيق سرور کي ميمبر فيٽف جو اضافو چارج ڏنو ويو آهي.

جڏهن ته گريڊ 21 جي آفيسر قيصر اقبال ڊائريڪٽر جنرل ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف انٽيليجنس اينڊ انويسٽيگيشن ان لينڊ اسلام آباد هوند. نوٽيفڪيشن موجب گريڊ 21 جي ڊاڪٽر اشفاق احمد تونيو ميمبر ايف بي آر هيڊڪوارٽر، سعيد معروف گيلاني چيف ڪمشنر ان لينڊ ريونيو آر ٽي او بهاولپور، سيد نديم حسين رضوي ميمبر ٽي پي اي ايف بي آر هيڊڪوارٽر اسلام آباد، جڏهن ته سردار علي خواجا کي چيف ڪمشنر ان لينڊ روينيو آر ٽي او پشاور مقرر ڪيو ويو آهي.