شام ۾ اسرائيل پاران ڪيل حملي ۾ ٽيويهه ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

news

تهران:(جمعو 22 نومبر 2019ع) شام جي گادي واري شهر دمشق ۾ اسرائيل جي هوائي حملي ۾ 23 ڄڻا مارجي ويا آهن.

شام ۾ انساني حقن جي مبصر جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ ٻن شهرين سميت 23 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

ايران جي سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري موجب شامي اينٽي ايئر ڪرافٽ ڊفينس دمشق ۾ اسرائيلي جنگي ويڙهاڪن جي وڏن حملن جو ڀرپور جواب ڏنو. ٻئي طرف اسرائيلي فوج دعويَ ڪئي آهي ته ان جي جنگي جهازن شام ۾ ايراني فورس ۽ شامي فوجي حدف کي نشانو بنايو.

عرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب  اسرائيل جي فوجي ترجمان حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اهو حملو شام جي زمين تي اسرائيل تي ٿيندڙ راڪيٽ حملن جي جواب ۾ ڪيو ويو.

اسرائيلي فوجي اختيارين موجب اسرائيلي جنگي ويڙهاڪ جهازن ايراني پاسداران انقلاب جي ذيلي تنظيم القدس جي مختلف ٺڪاڻن کي نشانو بنايو ۽ گڏ ئي شامي فوج تي به حملي ڪيا ويا جن ۾ زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائلن، هٿيارن ۽ فوجي اڏن کي نشانو بنايو ويو.