اسٽيٽ بئنڪ مانيٽري پاليسي جاري ڪري ڇڏي، شرح سود تيرهن ڏهائي پنجويهه سيڪڙو برقرار

news

ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ايندڙ ٻن مهينن جي لاءِ مالياتي پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت پاليسي ريٽ کي 13.25 سيڪڙو برقرار رکيو ويو آهي.

مرڪزي بئنڪ جي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب مهانگائي جي رفتار اڃا به بلند سطح تي آهي، کائڻ، پيئڻ جي شين جي قيمتن ۾ اضافو مهانگائي جو هڪ اهم سبب آهي. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي آهي. مالي سال 20-2019ع ۾ مهانگائي جي شرح 11 کان 12 سيڪڙو تائين رهندو.

مرڪزي بئنڪ جو چوڻ آهي ته گذريل مانيٽري پاليسي اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن جا سٺا اثر اچي رهيا آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ 4 سالن کانپوءِ آڪٽوبر 2019ع ۾ سرپلس رهي، تجارتي خساري ۾ گهٽتائي به گهڻو اهم آهي.

اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته ايندڙ مهينن ۾ مهنگائي جي شرح گهٽ ٿيندي نظر ڏسي رهيا آهيون. کائڻ پيئڻ جي شين جي قيمتن ۾ واڌ باوجود مهانگائي جي توقع مستحڪم رهندي.

اسٽيٽ بئنڪ موجب مالياتي دُروانديشي سبب مارڪيٽ جا احساسات بتدريج بهتر ٿي رهيا آهن، ٻاهرين کاتن تي دٻاءُ گهٽ ٿي رهيو آهي، پهرين چئن مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 73.5 سيڪڙو گهٽ ٿي 1.5 ارب ڊالر رهجي ويو آهي، برآمدات ۾ چڱي واڌ ٿي رهي آهي.

اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال جون جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر 5.6 سيڪڙو بهتر ٿي آهي، هلندڙ مالي سال زرمبادلا جي ذخيرن مان هڪ ارب 16 ڪروڙ ڊالر اضافو ٿيو.