ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي جوابدار رحيم شاهه جي ھڪ ڀيرو ٻيھر ضمانت رد

news

ملير(رپورٽ: دريا خان شر) جمعو 22 نومبر 2019ع: سنڌ هاءِ ڪورٽ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جوابدار رحيم شاھ دل جي تڪليف جو علاج ڪرائڻ لاءِ عدالت کي چوٿون ڀيرو ضمانت  لاء درخواست ڏني جنھن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.

جوابدار کي ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪيس وڙهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جوابدار رحيم شاهه لاءِ ضمانت جي حوالي سان شاهديون اڻپوريون آهن، درخواست ۾ موقف رکيو ويو ته ارشاد رانجهاڻي کي چار گوليون لڳيون،

جڏهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ 5 گوليون لڳڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اُن کانسواءِ جوابدار جيڪي 10 لک رُپيا بئنڪ مان کڻي وڃڻ جي ڳالهه ڪئي، اُها رقم به ڪيس پراپرٽي نه آهي.