ملير جي علائقي ڪاٺوڙ جي سرڪاري اسپتال ۾ مدي خارج دوائن جي فراهمي جو انڪشاف

news

ملير(رپورٽ: دريا خان شر) جمعو 22 نومبر 2019ع:  ملير جي علائقي ڪاٺوڙ جي سرڪاري اسپتال ۾ مدي خارج دوائن جي فراهمي جو انڪشاف ٿيو آهي. 

ٻارن ۽ وڏن کي دم (ساهه) جي دوا مدي خارج ڏيڻ سبب ڪيترن ئي ٻارن ۾ ري ايڪشن ٿيڻ جو خطرو، ڊي ايڇ او ملير اسپتال ۾ موجود مدي خارج دوائون پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال هلائيندڙ غيرسرڪاري اين جي اوز خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو .

جون 2019  جي ايڪسپائري ڊيٽ ڄاڻايل  دوائون اسپتال کي فراهم ڪيون ويون ھيون جيڪي مريضن کي ڏيڻ جو سلسلو جاري هو .علائقي واسين جي شڪايتن ، ۽ صحت کاتي پاران ٽائفائيڊ جي هلندڙ مهم دوران جڏهن ڊي ايڇ او ڄاڻايل اسپتال ۾ پهتو ۽ اسٽور ۾ دوائن جي جاچ پڙتال ڪئي ته معلوم ٿيو ته دم جي بيماري لاءِ رکيل دوائون مدو ختم ڪري چڪيون هيون.

جيڪي علائقن واسين کي ڏنيون پئي ويون.ان سلسلي ۾ ڊي ايڇ او ملير ڊاڪٽر احمد علي ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته اين جي اوز  پاران فراهم ڪيل دوائون استعمال لائق نه آهن، جنهن تي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.