عراق ۾ حڪومت خلاف احتجاج دوران وڌيڪ ٽي مظاهرين مارجي ويا

news

بغداد: (ڇنڇر 23 نومبر 2019ع)   عراق ۾ حڪومت خلاف احتجاج جي دوران سيڪيورٽي فورس جي فائرنگ سبب وڌيڪ 3 مظاهرين مارجي ويا آهن.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب عراق ۾ حڪومت خلاف مظاهرا جاري آهن. ان دوران هي مظاهرو پرتشدد شڪل اختيار ڪري رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ مظاهرين طرفان سيڪيورٽي اهلڪارن کي قتل ڪيو ويو هو. حڪومت خلاف  جاري احتجاج ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. خبرون ڏيندڙ اداري موجب عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ سيڪيورٽي فورس جي فائرنگ سبب وڌيڪ 3 مظاهرين مارجي

ويا. سيڪيورٽي ۽ صحت واري وزارت جي ذريعن مظاهري دوران مارجي ويلن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. الجزيره موجب اڄ مارجي ويل 3 مظاهرين جو واقعو اسٽرٽيجڪ پل جي ويجهو ٿيو جتي مظاهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن وچ ۾ جهيڙو ٿيو ان دوران سيڪيورٽي فورس جي فائرنگ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا. برطانوي خبرون ڏيندڙ اداري موجب 3 شهري مارجي ويا آهن ۽ مارجي ويلن ۾ ٻن ڄڻن کي گوليون لڳيون جڏهن ته ٽيون شخص ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل مٿي تي لڳڻ سبب فوت ٿيو.

جڏهن ته ان جهيڙي دوران 27 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن جنهن کي طبي امداد جي لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. آمريڪي خبرون ڏيندڙ اداري جو صحافي جيڪو هن وقت اسپتال ۾ موجود آهي ان به 3 ڄڻن جي مارجي وڃن جي تصديق ڪئي آهي.

ياد رهي ته خميس کان بغداد ۾ حڪومت خلاف مظاهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي وچ ۾ جهيڙي دوران اٺ ڄڻا مارجي ويا آهن.   ٻئي طرف عراق جي اهم شيعه اڳواڻ آيت الله علي سيستاني ملڪي سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي چيو آهي ته ملڪ ۾ جاري مظاهري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سياسي اصلاحات فوري طور شروع ڪرڻ گهرجي. اهڙي طريقي سان عمل ڪري بحران جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو.