پنجڪوڙ درياءَ ۾ ڪار ڪرڻ سبب ڇهه ڄڻا ٻڏي فوت

news

پشاور: (ڇنڇر 23 نومبر 2019ع) پنجڪوڙ درياءَ ۾ گاڏي ڪرڻ سبب 6 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا.

پوليس موجب ديربالا ۾ هڪ ڪار ۾ سوار ماڻهن گالوم ڪوهستان کان ڪلڪوٽ طرف وڃي رهيا هئا ته پنجڪوڙ جي هنڌ تي ان جي گاڏي درياءَ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا.

پوليس موجب حادثي ۾ 2 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن. جڏهن ته لاشن ۽ زخمين کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.