ٽڪ ٽاڪ پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپ بڻجي وئي

news

لاهور: (ڇنڇر 23 نومبر 2019ع) مشهور لپ سِنڪ ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ هلندڙ سال پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ڪئي ويندڙ سوشل ميڊيا ايپ بڻجي وئي.

آمريڪي انٽيليجنس سينسر ٽاو موجب چيني سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ 2019 ۾ پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ڪئي ويندڙ سوشل ميڊيا ايپ بڻجي وئي آهي.

هن وقت بنا گيم واري ايپ ۾ واٽس ايپ هڪ ڪروڙ 81 لک ڊائون لوڊ سان گڏ پهرين نمبر تي آهي. پر فن ايپ ٽڪ ٽاڪ پهرين جنوري 2019 کان وٺي 16 نومبر 2019 تائين هڪ ڪروڙ 63 لک ڀيرا ڊائون لوڊ ٿي چڪي آهي. ڊيٽا کي موبائل انسائٽ اسٽريٽيجسٽ گريگ چيپل ترتيب ڏنو. جنهن موجب ٽڪ ٽاڪ کي هينئر تائين هڪ ارب 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو آهي ۽ هي دنيا جي مشهور ترين ايپ مان هڪ ايپ بڻجي وئي آهي.

هلندڙ سال دوران ٻين وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپس ۾ فيس بڪ ميسنجر شامل آهن جنهن کي هڪ ڪروڙ 57 لک ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته فيس بڪ کي هڪ ڪروڙ 50 لک ڀيرا ۽ انسٽا گرام کي 43 لک ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو آهي.

لانچ ٿيڻ کان پوءِ هينئر تائين پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ کي 2 ڪروڙ 55 لک ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هي پاڪستان ۾ سڀني کان تيزي سان ڦهلجندڙ سوشل ميڊيا پليٽ فارم به آهي. واضح رهي ته مشهور ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ کي موبائل فون ۾ ڊائون لوڊ ڪري صارفين پنهنجي مرضي موجب گانا يا ڊائيلاگ تي پرفارم ڪندا آهن.