نوابشاهه ۾ مختلف کاتن جي رٽائرڊ ملازمن پاران گروپ انشورنس نه ملڻ خلاف احتجاج

news

نوابشاهه : ڇنڇر23 نومبر 2019ع، نوابشاهه ضلعي مختلف کاتن جي رٽائرڊ ملازمن پاران گروپ انشورنس نه ملڻ خلاف سيد عاشق حسين شاهه، محمد اسلم چانڊيو، محمد عمر خاصخيلي، سيد ظهير علي، عبدالشڪور ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ڏنو وڃي ٿو.

ليڪن سنڌ صوبي ۾ رٽائرڊ ملازمن سان ظلم آهي ۽ انهن کي گروپ انشورنس نٿو ڏنو وڃي، هنن چيو ته هر مهيني اسان جي پينشن مان ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي جيڪو اسان غريب رٽائرڊ ملازمن سان ظلم آهي.

هنن بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي گروپ انشورنس ڏنو وڃي ۽ اسان جي پيشن مان ڪٽوتي وارو عمل بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.