نصيرآباد ۾ پراڻي دشمني سبب هٿياربندن جو گهر تي حملو، ٻه سڳا ڀائر قتل

news

نصيرآباد: (آچر 24 نومبر 2019ع)  گذريل رات بلوچستان جي اوستا محمد واري علائقي ۾ هٿياربندن گهر تي حملو ڪري ٻن سڳن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو.

فائرنگ ۾ معصوم نينگري به زخمي ٿي پئي. اوستا محمد جي ڳوٺ قاضي عبدالصمد ۾ جويا برادريءَ جي ٻن ڌُرين ۾ پُراڻي تڪرار تان هڪ ڌُر جي هٿياربندن گهر تي حملو ڪيو، جنهن دوران انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني. حملي ۾ 2 سڳا ڀائر چاڪر جويو ۽ بجار جويو موقعي تي ئي قتل ٿي ويا، جڏهن ته 7 سالن جي معصوم نينگري صائمه بيبي زخمي ٿي پئي.

واقعي کانپوءِ هٿياربند سولائيءَ سان فرار ٿي ويا، پوليس بعد ۾ پهتي ۽ مقتولن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند فرار ٿي ويا آهن، ڪيس داخل ٿيڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن وارثن قتل ٿي ويل ٻنهي ڀائرن جا لاش  قومي شاهراهه تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ٽائرن کي باهيون ڏئي سنڌ، بلوچستان روڊ بند ڪري ڇڏيو.  وارثن پاران جلد کان جلد  قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

صحافين سان ڳالهائيندي وارثن چيو ته هڪ مهينو اڳ معمولي تڪرار تي هٿياربندن فائرنگ ڪري جبل خان کي قتل ڪري چڪا آهن جڏهن ته بجار خان زخمي ٿي پيو هو. ان جي ايف آءِ آر داخل آهي هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت گذرڻ جي باوجود جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو جڏهن ته گذريل رات ٻيهر هٿياربندن گهر ۾ گهڙي چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪيو ۽ ٻنهي ڀائرن چاڪر خان ۽ بجار خان کي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ست ساله ٻارڙي صائمه به زخمي ٿي پئي.

هنن چيو ته پوليس  خاموش تماشائي بڻيل آهي. جيڪڏهن پهريان جوابدارن کي گرفتار ڪري وٺي ها ته اڄ اهو واقعو پيش نه اچي ها مظاهرين وڌيڪ چيو ته جيستائين جوابدارن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي روڊ بلاڪ رکنداسين.