نمرتا ڪيس ۾ هڪ ٻي لاپرواهي: رئو دير سان ملڻ سبب ڊي اين اي نه ملي سگهيو، لاهور فارينزڪ ليب جو انڪشاف

news

لاڙڪاڻو: (آچر 24 نومبر 2019ع) نادرا کانپوءِ لاهور جي فارينزڪ ليب به نمرتا ڪيس ۾ لاڙڪاڻو پوليس جي سنگين لاپرواهيءَ کي وائکو ڪري ڇڏيو.

پوليس جي سنگين لاپرواهي نمرتا جي ڪيس کي حل ڪرڻ بدران اڃان به مُنجهائي ڇڏيو آهي. ڊي اين اي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته لاڙڪاڻو پوليس نمرتا جو رئو دير سان موڪليو ۽ ڊي اين اي نه ملي سگهيو، ڊي اين اي حاصل ڪرڻ لاءِ ننهن ضروري هوندو آهي پر پوليس نمرتا جو ننهن به نه موڪليو. آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا جي ڪيس ۾ لاڙڪاڻو پوليس جي سنگين قسم جي هڪ ٻي لاپرواهي وائکي ٿي وئي آهي.

لاڙڪاڻي جي فارينزڪ ليبارٽري جي ليب طرفان موڪليل ڊي اين اي ٽيسٽ جي رپورٽ پوليس کي ملي وئي آهي. اهڙي رپورٽ فارينزڪ ليب لاهور جي ڊائريڪٽر جنرل طرفان جاري ڪئي وئي. رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته نمرتا جي رئي مان ڪنهن به قسم جا اسڪن ٽِشوز يا رت جا اسٽين نه مليا، جن مان ڊين حاصل ڪري سگهجي.

پوليس ذريعن موجب رپورٽ چيو ويو آهي ته واقعي کانپوءِ 72 ڪلاڪن اندر اِسڪن ٽشوز مان ڊي اين اي وٺي سگهجي ٿو، تنهن ڪري دير ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڊي اين اي حاصل ڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نمرتا جي موت واري مامري ۾ ڊي اين اي حاصل ڪرڻ لاءِ پوسٽ مارٽم دوران شاگردياڻي جو ننهن وٺڻ ضروري هو، ننهن جي ڊي اين اي ذريعي آپگهات يا قتل جو مامرو حل ٿي پئي سگهيو. نمرتا جي موت وقت ڳلي ۾ ٻڌل رئو به واقعي کي هڪ هفتو گذرڻ کان پوءِ موڪليو ويو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته نمرتا جي رئي جي ڊي اين اي رپورٽ به عدالتي جاچ ۾ پيش ڪئي وئي آهي.

اُن کان اڳ نادرا طرفان نمرتا جي پُراسرار موت واري ڪيس ۾ فنگر پرنٽس جي رپورٽ موڪلي وئي هئي، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته پوليس طرفان غيرمعياري نمونا موڪليا ويا، تنهن ڪري فنگر پرنٽس 11 سڃاڻپ ڪارڊز سان ميچ نه ٿي سگهي.