لنڊن ۾ جاري پاڪستان فيشن ويڪ دوران ماڊلن جو ريمپ تي واڪ

news

لنڊن: (آچر 24 نومبر 2019ع) برطانيه ۾ جاري پاڪستان فيشن ويڪ ۾ پاڪستان جي ڊزائينرن پاران تيار ڪيل خوبصورت سلائي ڪڙهائي وارن مختلف رنگن جا ڪپڙا پهري ماڊلز ريمپ تي آيون ته ائين محسوس ٿيو ته يخ ٿڌي موسم ۾ بهار اچي وئي هجي.

رپورٽ موجب پاڪستان فيشن ويڪ ۾ درجنين پاڪستاني فيشن ڊزائنرن پاران تيار ڪيل شاندار ڪپڙا پيش ڪيا ويا ته هال تاڙين سان گونجي اٿيو. هال ۾ ويٺل ماڻهن نون ڊزائينن جا  پاڪستاني ڪپڙا ڏٺا ته اهي  پاڪستاني ڊزائنرن کي داد ڏيڻ بنا نه رهي سگهيا.

پاڪستان فيشن ويڪ جي خاص ڳالهه اها آهي ته برطانوي شهزادي ڪيٽ مڊلٽن جي  پاڪستان واري  دوري دوران هن به پاڪستان جي مشهور ڊزائنر ماهين خان جا تيار ڪيل ڪپڙا پاتا هئا. ٻين پاڪستاني ڊزائنرن جي ڪپڙن کي به تمام گهڻو پسند ڪيو ويو.

پاڪستان فيشن ويڪ سينٽرل لنڊن ۾ ٻن ڏينهن تائين جاري رهندو. فيشن ويڪ ۾ وڏي انگ ۾ پاڪستاني ڊزائنرن ڪپڙن ۽  زيورن جا مختلف اسٽال لڳايا آهن جنهن تي ماڻهن جو وڏو انگ  اچي  خريداري ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته  برطانيه ۾ پاڪستاني فيشن تمام گهڻو مشهور آهي ۽ اتان جا ماڻهو شوق سان پاڪستاني ڪڙهائي وارا ڪپڙا خريد ڪندا آهن.