منهنجو ڪنهن سان به مقابلو ناهي: جيڪو ڪم ڪريان پئي ان مان مطمئن آهيان: ڪبريٰ خان

news

لنڊن: (آچر 24 نومبر 2019ع) اداڪاره ڪبريٰ خان چيو آهي ته منهنجو ڪنهن سان به مقابلو ناهي، اڄ مان جيڪو به ڪم ڪري رهي آهيان ان مان تمام گهڻي مطمئن آهيان.

جواني پهر نهين آني 2 ۽ پرواز هي جنون جهڙين فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ اداڪاره ڪبريٰ خان کي شوبز انڊسٽري ۾ تمام جلد مشهوري ملي وئي. هن وقت سندس ڊرامو(الف) نجي چينل تان نشر ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ هو حسن جهان نالي عورت جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. تازو ئي ڪبريٰ خان  بي بي سي ايشين نيٽ ورڪ کي انٽرويو ڏيندي پنهنجي ڊرامي(الف) ۽ پنهنجي زندگي ۾ ٿيندڙ تبديلين بابت ڳالهيون ڪيون. ڪبريٰ خان ٻڌايو ته ڊرامو(الف) الله جو مون کي ڏنل تحفو آهي ۽ هي ڊرامو ان وقت مون وٽ آيو جڏهن مان زندگي مان پريشان هئس ۽ ماڻهو کي پاڻ کان پري ڪري رهي هئس ايستائين جو مون اهو به سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ته ڇا مان هن انڊسٽري جو حصو بنجڻ چاهيان ٿي.؟

پنهنجي زندگي ۾ پيش ايندڙ مثبت تبديلين جي باري ۾ ڳالهائيندي ڪبريٰ خان چيو ته هر انسان پنهنجي زندگي ۾ اهڙي صورتحال کي منهن ڏيندو آهي جيڪا هن جي زندگي ۾ تبديلي جو سبب بڻجندي آهي. مان اڄ جيڪو ڪجهه به آهيان ان تي خوش آهيان ۽ مان اڃان به بهتر ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان هن چيو ته مان ماضي جي مقابلي ۾ اڄ تمام گهڻو پرسڪون آهيان. 

ڪبريٰ خان چيو ته هڪ اهڙو به وقت هو جڏهن انڊسٽري ۾ ڪم  دوران منهنجي خواهش هئي ته منهنجا ڊراما ٻين ماڻهن کان وڌيڪ پسند ڪيا وڃن جنهن کان پوءِ مون سوچيو ته منهنجو ڪنهن سان ڪوبه مقابلو ناهي ۽ مان اڄ جيڪا ڪجهه به آهيان ان تي مطمئن آهيان مان اڄ  به 50 ايوارڊ حاصل ڪري سگهان ٿي، آسڪر حاصل ڪري سگهان ٿي پر جيڪڏهن مان هڪ بهتر انسان ناهيان ته انهن شين جو ڪوبه مطلب ناهي.