ڊکڻ ۾ سيد حاجن شاھ بخاري جو ساليانو عرس مبارڪ ملهايو ويو

news

ڊکڻ )رپورٽ ياسين ڌاريجو( آچر 24 نومبر 2019ع،  ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ لونگاڻي شريف جي مشهور درگاھ سيد حاجن شاھ بخاري نقشبندي جو ساليانو عرس مبارڪ ملهايو ويو عيقدت مندن جي وڏي انگ ۾ شرڪت درگاھ جي گادي نشين سيد ضمير حسين شاه جي نگراني هيٺ ٻن ڏينهن وارو ميلو لڳايو ويو.

جنهن ۾ سنڌ جي مشهور صوفي راڳين شرڪت ڪئي جنهن ۾ عبدالمجيد سيال استاد برڪت علي ابڙو عبدالستار ڪنڀر محمد موسيٰ رند خادم خاصخيلي فقير مظفر دايو محفل مچائي ويٺل ماڻهن ۽ وجد تاري ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي ميلي ۾ آيل عقدت مندن جو چوڻ آهي ته هر سال پنهنجي مرشد جي عرس مبارڪ ۾ شريڪ ٿيندا آهيون هن سال به پهتا آهيون هتي اچي روح کي سڪون ملندو آهي صوفي راڳ ۾ امن محبت پيار جو درس ملي ٿو اسان پنهنجي دل جو مرادون کڻي درگاھ تي پهچندا آهيون.

اسان جي دل جون آسون اميدون پوريون ٿينديون آهن درگاھ حاجن شاہ بخاري جي گادي نشين سيد ضمير حسين شاه جو چوڻ آهي ته سنڌ اوليائن بزرگ حستين سان ڀريل آهي هر سال عرس مبارڪ جون تقريبون منعقد ڪندا آهيون جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پيار ڪرڻ وارا شرڪت ڪندا آهن.

اسان جو پيغام آهي ته انسان ذات سان پيار ڪيو ڪنهن جي دل نه رنجائڻ گهرجي پاڙي جا حق ادا ڪجن ۽ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ والدين پنهنجو ڪردار ادا ڪن گهر جي هڪ نياڻي تعليم يافته هوندي سمورو گهر تعليم سان روشن ٿي پوندو.

ان موقعي تي سيد لطيف شاھ بخاري سيد اطهر حسين شاه بخاري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.