لڪي مروت ۾ ٻارن جي ڪٻڊي ميچ جي دوران فائرنگ، ٻن ٻارن سميت ٽي ڄڻا قتل

news

لڪي مروت: لڪي مروت ۾ ڪٻڊي ميچ دوران پراڻي دشمني تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ٻارن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 ٻار زخمي ٿي پيا.

رپورٽ موجب لڪي مروت جي علائقي بخمل احمدزئي جي ويجهو خان ڪلي ۾ ٻارن جي ڪٻڊي ميچ دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ٻارن سمت 3 ڄڻا مارجي ويا.

پوليس اختيارين موجب خان ڪلي ۾ ٻارن جو ڪٻڊي ميچ جاري هو ته مخالف گروپ پراڻي دشمني تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته ست ٻار زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي اسپتال نيو ويو، جڏهن ته ٻه ٻار زخمن جا سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا. فوت ٿيندڙن ۾ 5 ۽ 8 سالن جا 2 ٻار به شامل آهن.

جن جي سڃاڻپ رضوان، افنان ۽ جرار جي نالن سان ٿي آهي. واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري ٿڏي تي پهچي وئي ۽ فائرنگ ڪندڙ هٿياربندن جي ڳولا شروع ڪري ڏني.