ناروي ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي ڪرڻ خلاف جماعت اسلامي جي مرڪزي سڏ تي احتجاج

news

سڪرنڊ:  آچر 24 نومبر 2019ع ناروي ۾ ٿيل قرآن ڪريم جي بي حرمتي ڪرڻ خلاف جماعت اسلامي جي مرڪزي سڏ تي  اڄ سڪرنڊ ۾   جماعت اسلامي سڪرنڊ طرفان ضلعي جي نائب امير راشد مڪرم  جي اڳواڻي ۾ چانڊيا پمپ کان صحافي چوڪ تائين احتجاجي  ريلي ڪڍي وئي.

جتي ضلعي نائب امير  راشد مڪرم. .عاشق حسين پٺاڻ . قاضي جاويد . اقليتي اڳواڻ  ۽ علي رحمان خطاب ڪندي چيو ته اسان مسلمان پنھنجي پاڪ ڪتاب جي بي حرمتي ڪنھن به صورت ۾  برداست نه ڪندا سون اڳواڻن وڌيڪ  چيو ته اسان حڪومت وقت کان ڀرپور مطالبو ڪندي گھر ٿا ڪيون ته فلفور ناروي جي سفير کي ملڪ بدر ڪري ان سان پنھنجا رابطا ختم ڪري.

ھنن چيو ته اسان پنھنجي جانن جا نزرانه ڏئي به پنھنجي دين اسلام ۽ پنھنجي پاڪ ڪتاب جي حفاظت ڪندا سون ۽ ھنن چيو  ته ناروي جي سڀني شين جو بائڪاٽ ڪيو وڃي.

ھنن چيو ته ھي اسان جي لاء ٽيسٽ ڪيس آھي جيڪڏھن اڄ به اسان اک نه پٽي ته پوء اسان کي مسلمان سڏئڻ جو ڪو به حق نه آھي.

  ريلي ۾ شھر جي سياسي .سماجھي ۽ صحافي برادري جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جيڪي پلي ڪارڊ کڻي ناروي خلاف اپ ڏاريندڙ نارا  ھڻندا رھيا.