عراق ۾ آڪٽوبر کان جاري احتجاج ۾ مارجي ويلن جو انگ ٽي سئو پنجاهه ٿي ويو

news

بصره: (سومر 25 نومبر 2019ع) عراق ۾ گذريل مهيني کان جاري حڪومت خلاف احتجاج جي دوران سيڪيورٽي فورس سان چڪرين ۽ پرتشدد مظاهرن ۾ مارجي ويلن جو انگ 350 ٿي ويو آهي جڏهن ته هزارين ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.

عرب ميڊيا موجب عراق ۾ هلندڙ سال پهرين آڪٽوبر کان بدعنواني، بيروزگاري ۽ بنيادي سهوليت جي عدم فراهمي تي حڪومت خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي.  ڏکڻ عراق جي شهر ناصريه ۾ سيڪيورٽي فورس جي فائرنگ سبب 3 مظاهرين مارجي ويا ۽ 47 زخمي ٿي پيا آهن.

جڏهن ته بصره جي ڏاکڻي علائقي ام قصر ۾ سيڪيورٽي فورس سان چڪرين ۾ 3 مظاهرين مارجي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب مظاهرين ناصريه شهر ۾ فرات درياءَ تي 5 پل بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن کي خالي ڪرائڻ جي لاءِ انتظاميه طرفان ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

واضح رهي ته عراق ۾ گذريل مهيني کان جاري احتجاج ۾ سيڪيورٽي فورس جي ڪريڪ ڊائون سبب هينئر تائين 350 ماڻهو مارجي چڪا آهن.