جعلي اڪائونٽس ڪيس: آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي خلاف ضمني ريفرنس داخل

news

راولپنڊي: (سومر 25 نومبر 2019ع) نيب جعلي اڪائونٽس  ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي خلاف ضمني ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

نيب راولپنڊي طرفان داخل ڪيل ريفرنس ۾ الزام هنيو ويو آهي ته نجي بينڪ جي فنڊن جو غلط استعمال ڪيو ويو ۽ بي نامي دار جي نالي تي زمين خريد ڪئي وئي.

ريفرنس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جوابدار مشتاق جو اڳوڻي صدر سان گڏ گڏيل اڪائونٽ به آهي ۽ بئنڪ رڪارڊ موجب اڪائونٽ آصف زرداري جي لاءِ استعمال ٿيندو هو.

ان اڪائونٽ جي ذريعي پرڏيهه به رقم منتقل ڪئي وئي. ريفرنس موجب 8.3 ارب روپين جي رقم جعلي اڪائونٽس جي ذريعي ڪڍرائي وئي ۽ نجي بئنڪ جي اڪائونٽ مان غيرقانوني طور تي 1200 ملين روپيه منتقل ڪرايا ويا جڏهن ته 950 ملين روپين جي رقم ٻيهر زرداري جي استعمال هيٺ اڪائونٽس ۾ منتقل ڪئي وئي.

ريفرنس ۾ وڌيڪ الزام هنيو ويو آهي ته انور مجيد، عبدالغني مجيد، مصطفيٰ ذوالقرنين جو سموري معاملي ۾ اهم ڪردار آهي.