سس کي زبان ڏيکارڻ سبب ڪنوار کي شادي جي ڏينهن ئي طلاق ملي وئي

news

قاهره: (سومر 25 نومبر 2019ع) مصر ۾ هڪ شهري شادي جي تقريب ۾ فوٽو شوٽ جي دوران گهوٽ ڪنوار کي طلاق ڏئي ڄڃ واپس وٺي ويو.

مصري اخبار البيان موجب مصر جي هڪ ڏوراهين علائقي ۾ نوجوان گهوٽ 28 ساله ڪنوار کي اهو چئي ڄڃ سامهون طلاق ڏئي ڇڏي ته تو منهنجي ماءُ کي زبان ڏيکاري آهي.  جنهن کان پوءِ گهوٽ ڄڃ واپس وٺي ويو. جڏهن ته ڪنوار جي پيءُ جي حالت خراب ٿي وئي. مصري ڪنوار البيان اخبار جي نمائندي کي ٻڌايو ته مڙس منهنجو موقف ٻڌڻ کان سواءِ ئي مون کي طلاق ڏئي ڇڏي.

مان ان سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان پر ڪوبه جواب ناهي ملي رهيو. ٻئي طرف گهوٽ پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته مان پنهنجي ماءُ سان بدتميزي  ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندس مون طلاق ڏئي ڇڏي آهي هاڻ هو صرف حق مهر جي رقم لاءِ مون سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن جي لاءِ هن کي عدالت جا ڌڪا کائڻا پوندا.

گهوٽ طرفان ٻن لفظن ۾ جواب ملڻ کان پوءِ ڪنوار به عدالت ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هي انسان زندگي گذارڻ جي لائق ناهي. اڃان تائين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ ڪابه تاريخ مقرر ناهي ڪئي.