آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان قطري اميري گارڊ جي ڪمانڊر جي ملاقات

news

راولپنڊي: پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان قطري اميري گارڊ جي ڪمانڊر جي ملاقات ٿي آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوه ۽ قطري اميري گارڊ جي ڪمانڊر وچ ۾ ملاقات جي دوران گڏيل دلچسپي ۽ پيشواراڻا معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر جي ڊي جي ميجر جنرل آصف غفور موجب معزز مهمان پاڪ فوج جي پيشواراڻا ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ پاڪ قطر دفاعي تعاون وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.